ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ

ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ

عبدالقادر چاچڙ ڊاڪٽر

عبدالقادر چاچڙ، ڊاڪٽر: نامور عالم دين، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ ولد مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ پهرين جنوري 1970ع تي ڳوٺ مولوي محمد يوسف چاچڙ تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سنڌ جو وڏو عالم دين ۽ مفتي آهي. هن ابتدائي ديني تعليم مدرسه دارالعلوم الشرعيه روهڙيءَ مان حاصل ڪئي. 1990ع ۾ مدرسه اشرفيه مان دوره حديث پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. سندس استادن ۾ مولانا عبدالهادي ميمڻ،مولانا قاري خليل احمد بنڌاني، مولانا عبدالمجيد شهيد دينپوري، مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ شامل آهن. 1997ع ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف ميمڻ جي نگرانيءَ هيٺ ‘ڪتاب شرح وقايه ۽ ان ۾ آيل حديثن جي تخريج’ تي مقالو لکي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. فل ۽ 2009ع ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار انصاريءَ جي نگرانيءَ هيٺ ‘قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ عورتن جا معاشي ۽ معاشرتي حق’ تي مقالو لکي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. عبدالقادر چاچڙ سٺو محقق به آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ‘عورتن جي لاءِ سوکڙي’ (فبروري 2002ع)، (2) ‘خطبات مولانا عبدالڪريم قريشي’ (2001ع) ۽ (3) ‘صدارتي تقرير مولانا تاج محمود امروٽي’ (2002ع) قابل ذڪر آهن. سندس پنهنجي ذاتي لائبريري گهوٽڪيءَ ۾ قائم ڪيل آهي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب موجود آهن. پاڻ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪيءَ جو پرنسيپال آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.01.01  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ ولد مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ پهرين جنوري 1970ع تي ڳوٺ مولوي محمد يوسف چاچڙ تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ملا دائود سيوستاني
ايل وي پرانچبي
حافظ محمد اسماعيل کڏي وارو
مخدوم سعدالله صديقي
حامد دودائي
عبدالعليم صديقي قادري
دائم الدين انڍڙ مفتي
حقاني علي محمد مولانا
حسن شاهه جيلاني
ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون